ديبلي ابو موسيٰ

ديبلي، ابو موسيٰ: سنڌ جي درويشن ۽ اوليائن جي سلسلي ۾ ابو علي سنڌيءَ کان سواءِ جيڪي نالا ملن ٿا، تن ۾ ديبل جي بزرگن جي گهڻائي آهي. ’ڪارنامه بزرگان ايران‘ ڪتاب مطابق ابو موسيٰ ديبلي بايزيد بسطاميءَ جو شاگرد ۽ مريد هو. ان سلسلي ۾ علامه ابن جوزيءَ جي ڪتاب صفوه الصفوه ۾ ابو موسيٰ ديبليءَ جي زندگيءَ ۽ بايزيد بسطاميءَ جي وڌيڪ نسبي لاڳاپي جو ذڪر ملي ٿو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته ابو موسيٰ ديبلي سنڌي بايزيد جو ڀاڻيجو هو. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ابو موسيٰ جو والد ديبل کان بغداد پهتو هوندو ۽ ان جو به علم ۽ عرفان ۾ وڏو درجو ٿو ڏسجي، جو بايزيد بسطاميءَ جهڙي بزرگ ۽ عالم کيس پنهنجي ڀيڻ پرڻائي ڏني، جنهن مان ابو موسيٰ پيدا ٿيو، جنهن اڳتي هلي پنهنجي مامي بايزيد بسطاميءَ کان فيض پرايو.
علامه ابن جوزيءَ، شيخ بايزيد بسطاميءَ جا ڪيترا قول ابو موسيٰ ديبليءَ سنڌيءَ کان نقل ڪيا آهن. ابو موسيٰ ديبليءَ جو چوڻ آهي ته هن بايزيد بسطاميءَ کان پڇيو ته، ”آءٌ ڪنهن جي صحبت اختيار ڪريان“ ته هن فرمايو ته ”اهڙي ماڻهوءَ سان سنگت رک، جو جڏهن تون بيمار ٿئين ته تو کان طبع پرسي ڪري ۽ جڏهن تو کان ڪو گناهه ٿئي ته تو لاءِ دعا گهري.“ ان کان سواءِ ابو موسيٰ ديبلي، بايزيد بسطاميءَ جون ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون ڪيون آهن. پاڻ ٽين صدي هجريءَ جي بزرگن مان ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو